سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ

سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ

سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ

سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ (ڪتاب): هي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي، سنڌي ادب جي تاريخ بابت، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب آهي. هي ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي. باب پهريون: سنڌي ادب، قديم کان جديد دور تائين، باب ٻيو: سنڌي ادب ۽ تنقيدي شعور، باب ٽيون: ادبي صنفون ۽ ڳڻ ڳوت، باب چوٿون: سنڌي اسلوب ۽ اسلوب نگار، باب پنجون: سنڌي تنقيد ۽ تنقيد نگار، باب ڇهين ۾ ضميمو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ انهن ادبي ۽ سماج سڌار شخصيتن، تحريڪن، تنظيمن ۽ ادارن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 504 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اوسر پيڙهيڪا، حيدرآباد پاران، جنوري 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو